SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تصوير نگاري/نقش نگاري


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

تصوير نگاري/نقش نگاري

(Carving)

قديم زماني جي ماڻهن پنهجين سوچن ، خيالن ، ريتن رسمن ۽ مذهبي لاڙن کي سڀ کان اڳ پٿر تي اڪيري، تڏهن اڃا جڏهن ڪاغذ نه ٺهيو هو. پٿر تي نڪتل چٽن ۽ تصويرن اڪيرڻ جي فن کي نقش نگاري يا تصوير نگاري سڏجي ٿو. دنيا جي هر ان خطي ۾ جتي اوائلي تهذيبن جنم ورتو آهي پٿر تي اُڪر/تصويرنگاريءَ جا نمونا ملن ٿا. هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڪيترن هنڌن تي هن قسم جا چٽ مليا آهن . تاريخ کان اڳ واري دؤر۾ پٿر تي ٿيل اڪثر نقش نگاريءَ ۾مختلف جانورن جون تصويرون، شڪار جا منظر ، مذهبي لاڙن يا رجحانن کي ظاهر ڪندڙ علامتون ۽ انهن بابت تجريدي چٽ، ان زماني جي سماج جي ڪافي حد تائين نشاندهي ڪن ٿا. سنڌ ۾ کير ٿر جبل جي مختلف هنڌن تي اوائلي دؤر جي ماڻهن ۽ جانورن جون ابتيون سبتيون شڪليون نڪتل ملن ٿيون، انهن ۾ سرهن ۽ گرن جون تصويرون شامل آهن. خاص ڪري ڪتي جي قبر ڏانهن ويندي سيتا نئن جي ٻئي ڪناري تي ”شاهه ڪنڀ“ وٽ اهي شڪليون ڪافي تعداد ملن ٿيون. ان سلسلي ۾ بدر ابڙي جو ڪتاب ”کيرٿر ۾ چٽسالي“(2011ع) شايع ٿي چڪو آهي.


Remember Me Also:

ملتاني

مُلتانِي

ذ . صفت. ملتان جو، ملتان وارو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal